ڪنب ۾ بينظير پروگرام جي پئسن مان ڪٽوتي، عورتن جو احتجاج

ڪنب (ن ع آ)  ڪنب ٿاڻي جي حد جھنڊا شاخ اسٽاپ سم نالي اسٽاپ ۽ ٻين علائقن ۾ ڊوائيس مافيا وارا بينظير انڪم سپورٽس پروگرام جي  آيل قسط مان في ڪارڊ تي پنج کان ھڪ ھزار ڪٽوتي ڪرڻ لڳا  آهن، ڪيترن ئي اٻوجھه غريب عورتن کي ڌڪا ڏئي تذليل ڪرڻ لڳا آهن،  ان سلسلي ۾ مسمات جانل خاتون، حاجران خاتون، مسمات نوران خاتون ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته آيل قسط مان ڊوائيس وارا پنج سوڌکان ھڪ هزاررپيه ڪٽوتي ڪري اسان سان ناانصافي ڪري رھيا آهن، ھنن چيو ته حڪومت کاڌي پيتي جي شين جا ريٽ  وڌائي اسان غريبن مٿان  مهانگائي جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آهن، ڪنب ۽ ڀرپاسي ۾ ڊوائيس مافيا پاران بسپ انتظاميه جي ملي ڀڳت سان ڪٽوتي ڪري مستحقين عورتن سان ناجائزي ڪئي پئي وڃي، هنن ڊي سي خيرپور اي سي ڪوٽڏيجي ۽ بسپ جي اعلي اختيارين کان ڊيوائيس مافيا جي ناجائزين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.