ڏوهاري ڦاسائڻ چاهين ٿا:دادو ۾ رهواسين جون دانهون

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) دادو جي ڳوٺ مٺو مستوئي جو رهواسين سعودي عرب مان 2 مهينا اڳ آيل حاجي حسين مستوئي عباس مستوئي,رضا محمد مستوئي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سڄڻ مستوئي دلبر مستوئي علائقي ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ ملوث ھجڻ باوجود مون سان ذاتي دشمني سبب مون کي ڦاسائڻ جا ڊراما ڪري رهيا آھن دلبر مستوئي ڪيترن ڏوهن  ۾ گهربل آھي هاڻي گرفتاري بعد مون تي الزام هڻي رهيا آھن هنن چيو ته ڪجھ سال اڳ مير مستوئي جي قتل ۾ پڻ مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي منير خان جمالي جي فيصلي موجب مان آري پير تي ساک ڏيڻ باوجود مون خلاف سازشون ڪري رهيا آھن ان ۾ ناڪامي بعد ڏوهاري دلبر مستوئي سڄڻ مستوئي اسان جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاءِ روزانو ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ لاءِ  حڪمت عملي جوڙي رهيا آھن اسان کي ڪوبه نقصان ٿيو ته ان جي ذميوار سڄڻ مستوئي واري ڌر هوندي، هنن چيف جسٽس پاڪستان ڊسٽرڪٽ اينڊ  سيشن جج  دادو  آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي حيدرآباد ،ايس ايس پي دادو کان نوٽس جو مطالبو  ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.