ٺاروشاھ ۾ آل ڪنگز پجن طرفان ٽن ڏينھن  لاء ڪبوتر بازي جو ميلو ٺارو شاهه

(ن ع آ) آل ڪنگز پجن طرفان ڪبوتر بازي جي مقابلن جو ٽن ڏينھن جو سلنگ ميلو صدر ولي خانزادا خليفو گڊو نائب صدر فرحان خانزادا خليفو زاھد علي خانزادا استاد محمد علي قريشي خليفو آفتاب راجپر چئرمين بشير موريو خليفو فيروز اڄڻ خليفو اظھار اڄڻ خليفو نويد سولنگي خليفو ساجد چانڊيو استاد دلبر علي عباسي جي نگراني ھيٺ ٿي گزريو جنھن ۾ شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان ٽيھن کان مٿي ڪبوتر باز ٽيمن حصو ورتو ھر ھڪ ڪبوتر بازن طرفان پنج ڪبوتر اڙايا ويا جنھن ۾ سڀنين کان وڌيڪ ٽائيم اڙن وارن ڪبوترن ۾ پھرين پوزيشن نديم عباسي ورتي جنھن کي ٽيھ ھزار رپيا روڪ ۽ ھڪ ٽرافي ٻئي پوزيشن مرتضي قريشي جي ڪبوترن کئين جنهن کي پندرھن ھزار رپيا روڪ ۽ ٽرافي جڏھن ته  ٽين پوزيشن خليفي زاھد علي جي ڪبوترن کئين جنهن کي ڏھ ھزار روڪ ۽ ٽرافي انعام ڏنا ويا ھن موقعي تي ڪبوتر بازن جو چوڻ ھو ته ڪبوتر بازي جو شوق ھڪ قديم روايت آھي جنھن جڳهه تي زنڌ ۾ مختلف رانديون ٿين ٿيون ھن جڳهه تي ڪبوتر بازي به ھڪ راند واڳي آھي سنڌ حڪومت کي ھن شوق لا۽ ڪجهه غور ويچار ڪرڻ کپي

  • پنجين ڪاليج گيمس خيرپور ڪاليجن وچ ۾ بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ھنڱورجا

(ن ع آ) پنجين ڪاليج گيمس جي سلسلي ۾ خيرپور ضلعي جي ڪاليجن وچ ۾ انٽر ڪاليج بيڊمنٽن ٽورنامينٽ ٿي گذريو   جنهن ۾ سپريئر سائنس ڪاليج, سچل سرمست ڪاليج راڻيپور, ڊگري ڪاليج پيرجوڳوٺ,ڊگري ڪاليج گمبٽ ۽ ڊگري ڪاليج ٺيڙھي جي ٽيمن حصو ورتو جن مان سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۽ ڊگري ڪاليج گمبٽ جون ٽيمون فائينل ۾ پھتيون فائينل مئچ ۾ گمبٽ ڊگري ڪاليج جي ٽيم سپريئر خيرپور جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي.  ان موقعي تي پروفيسر نثار ڄامڙو,پروفيسر غلام عباس عباسي,پروفيسر عديل لياقت ڀٽي,سينيئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن محمد امين آرائين,سليم احمد آرائين,ريحان علي ميمڻ,عرفان ڏھوٽ,غلام مرتضي ڏھوٽ ۽ ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر سينيئر ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن حاجي فتح محمد تنيو ڪامياب رانديگرن ۾ انعام ورھايا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.