سڪرنڊ ۾ ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ملازمن جو ٽئين ڏينهن به احتجاج

سڪرنڊ (ن ع آ)  پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ سڪرنڊ جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ ڪري پنهنجي آفيسن  سڪرنڊ جي تالا بندي ڪري ٻئي ڏينهن مين گيٽ آڏو ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ملازمن عبدالله ڪيريو ،فخرامام خاصخيلي، .علم الدين مڱريو، لياقت موجائي، فيض پھنور، عبدالرزاق چنا، عبدالوھاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  وزارت فوڊ سيڪيورٽي جي ماتحت ادارو پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي تقريبن پاڪستان جي ڪاٽن ريسرچ جي 700  کان مٿي ملازمن ۽ پينشنرن جون پگهارو گذريل ستن مھينن کان رولڙي جو  شڪار آهن ملازمن جون پگهارو ۽ پينشن نه ملڻ سبب ملازم طبقو  فاقه ڪشي تي مجبور آھي۔ هنن وڌيڪ چيو ته سڪرنڊ ڪاٽن ريسرچ ۾ 30 ملازم ڪم ڪري رهيا آھن، جڏهن ته 40 ڪچا ملازم ڪم ڪري رهيا آھن  ملڪ ۾ ڪپھ جو  واحد ادارو پاڪستان سينٽرل ريسرچ انسٽيٽيوٽ آھي، جيڪو هن وقت مالي بحران جو شڪار آھي ملازمن جو چوڻ آھي ته اسان جون رهيل پگهارون جلد از جلد جاري ڪري ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.