ڪوٽڙي ۾ روڊ حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڪوٽڙي(ن ع آ)ڪوٽڙي ۾ روڊ حادثو، ھڪ ڄڻو فوت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪوٽڙي ڪراچي واھ ڪي بي فيڊر وٽ ٻڻ موٽرسائيڪلن وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي جو رهواسي 40 ورهين جو نوجوان  محمد اسماعيل چانڊيو فوت ٿي ويو۽ 2 شاگرد زخمي ٿي پيا، ٻئي شاگرد ڪوٽڙي بوائز اسڪول کان سائيٽ ڪوٽڙي وڃي رهيا هئا ته ٽڪر ٿي پيو، زخمين ۾ محمد شاهد سولنگي ۽ علي رضا سولنگي شامل آهن، فوتين ۽ زخمين کي بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي مبتقل ڪيو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.