تحفظ ڏيو: جهڏو ۾ عمرڪوٽ واسي جوڙي جو احتجاج

جهڏو (ن ع آ) عمر ڪوٽ واسي 23  ورهين جي ناري شهلا رضا رونجھو 24  ورهين جي عبدالرزاق خاصخيلي سان بدين جي عدالت ۾ پرڻو  ڪيو، ميڊيا سينٽر جھڏو تي احتجاج ڪندي ناري چيو ته مون پنھنجي رضا خوشي سان  عبدالرزاق سان عدالت ۾ پرڻو ڪيو آھي جنھن سبب منھنجا مائٽ جان جا ويري ٿي ويا آھن جيڪي مون کي ۽ منھنجي مڙس کي قتل ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، انڪري آئون عدالت، انساني حقن جي ادارن، سميت سمورن وس وارن کان اپيل ٿي ڪيان ته اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.