خيرپور شهر ۾ گئس جو بحران وڌي ويو، شهري پريشان، سئي گئس کاتي خلاف احتجاج

خيرپور ( س ر) خيرپور شهر جي مختلف محلن ٻٽرو محلو، شهيد آباد ڪالوني، عابد ڪالوني، ڳاڙهي پل، بچل شاهه محلو، سوڪ سينٽر ، بابو شاهه محمد ڪالوني، اسٽاف ڪوارٽر، غريب آباد محلو، بخاري محلو ، ڏٻر محلو ، مصطفيٰ ڪالوني، اوستو گاهي محله، لقمان پاڙي، اعظم ڪالوني، فيض آباد ڪالوني، سليم آباد ڪالوني، مل ڪالوني، جناح ڪا لوني، شيشم ڪالوني، لطيف ڪالوني .شهباز ڪالوني، نظاماڻي پاڙي، سائده ڳوٺ جيلاني محله، علي مراد پاڙي، ميمڻ پاڙي، مير اعلي بازار ، حيدري ۽ ٻين ڪالونين ۽ محلن ۾گذريل ڪيترئي عرصي کان گئس جو بحران جاري آهي، جڏهن ته گيس نه هجڻ سبب هڪ طرف شهري مهانگي اگهه تي ڪاٺيون خريد ڪري پنهنجو چلهو ٻاري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف ڪيترائي شهري مجبورن هوٽلن تان ماني خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي مهانگي اگهه تي ماني خريد ڪري رهيا آهن، هوڏانهن گيس جي اڻ علانيل لوڊشيڊنگ خلاف خيرپور جي شهرين محمد بخش جويو، روشن علي شيخ ، نواب خان سيال  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڪيتري عرصي کان اسان جي گهرن ڏانهن ايندڙ سئي گيس جا وال بند ڪري گيئس هوٽلن ۽ سي اين جي وارن کان پيسا وٺي انهن کي فل پريشر سان ڏني وڃي ٿي، گيس نه هجڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آهن پر سئي گيس کاتي راشي آفيسرن جي ڪن تي جوءَ به نه ٿي چري، گئس جي بحران  جو خاتمو ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.