پاڪستان سميت وچ ايشيائي علائقائي ملڪن ۾ توانائي جي ضرورتون 2030ع تائين 30 سيڪڙو وڌي وينديون: ايشيائي ترقياتي بئنڪ

اسلام آباد (م ڊ) ايشيائي ترقياتي  پروگرام (اي ڊي بي) چيو آهي ته پاڪستان سميت وچ ايسيائي علائقائي ملڪن ۾ توانائي جي ضرورتون 2030ع تائين 30 سيڪڙو وڌي وينديون. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪاريڪ آئوٽ لڪ رپورٽ 2030ع ۾  چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وڌندڙ معيشتن ۽ آبادي سان، وچ ايشيائي ۽ علائقائي ملڪن کي پنهنجي ترقي لاءِ وڌيڪ توانائي جي ضرورت آهي. خطي ۾ موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ اثرن طرف روشني ۾ انهن ملڪن کي پنهنجي ڪاربن جي خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ڪرڻ گهرجي ۽ صاف ۽ قابل تجديد توانائي جي ذريعن طرف منتقلي کي تيز ڪرڻ گهرجي. رپورٽ ۾ وچ ايشيا ۽ قفقاز سان گڏوگڏ پاڙيسري ملڪ منگويا، پاڪستان ۽ عوامي جمهوريه چين جي معيشتن جو جائزو ورتو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ ماحول دوست بجلي ۽ توانائي تائين رسائي کي وڌائڻ ۽ خطي ۾ وڌيڪ صاف توانائي جي فراهمي ۾ ان ملڪن کي سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ چين جي علاوه ڪاريڪ ملڪن ۾ توانائي جي طلب 204 ملين ٽن تيل. 2030ع تائين اها طلب 254 ملين کان 290 ملين ٽن ٿيڻ جو امڪان آهي.

  • جماعت اسلامي سنڌ پاران جمعي ڏينهن سڄيءَ سنڌ ۾ يوم تشڪر ملهايو ويندو

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي تي جماعت اسلامي سنڌ تحت جمعي ڏينهن سڄيءَ سنڌ ۾ “يوم تشڪر” (شڪراني جو ڏينهن) ملهايو ويندو. جاري ڪيل پريس رليز موجب جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته  ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي جمعي ڏينهن (سڀاڻي) ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ شڪراني جو ڏينهن ملهايو ويندو.صوبائي امير پنهنجي بيان ۾ ڪراچي جي مڪاني جونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي الله تعاليٰ جو شڪر ۽ عوام پاران جماعت اسلامي جي نامزد اميدوارن تي اعتماد جي اظهار کي سٺو سنوڻ ۽ ڪراچي جي روشنين جي بحالي ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.