اسلام ڪوٽ ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو، 9 ڄڻا سخت زخمي

اسلام ڪوٽ(ت ر ) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گوڙهيار ۾ زميني تڪرار تان اوٺا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿي پيو،جنهن سبب لٺيون  ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 5 عورتن سميت 9 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو،زخمين ۾ نور محمد اوٺو،حنيف اوٺو،پانڌي اوٺو،قدير اوٺو ۽ عورتون امانت ٻائي،فضيلان ٻائي،سومري ٻائي،سنگهاران ٻائي،پري ٻائي شامل آهن،اوٺا برادري جي هڪ ڌُر پاران پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو،متاثر ڌُر جي ماڻهن محمد عمر اوٺو،ليمون اوٺو،خان محمد اوٺو ۽ ٻين دانهيندي چيو آهي ته برادري جي ماڻهن اسان جي گهرن جي اڳيان پيل سرڪاري پلاٽ تي زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي،اسان جا گس گهيڙ ۽ رستا بند ڪيا ويا آهن،اسان جي اعتراض تي اُنهن گهر اندر داخل ٿي حملو ڪيو آهي،عورتن سميت 9 ڄڻن کي مرڻينڱ ڪيو ويو آهي،هنن چيو ته مخالفن پاران سرڪاري زمين تي قبضو ڪري اڏاوت ڪئي پئي وئي،اسان اعتراض ڪيو جنهن تي مخالف ڌُر جي جوابدارن حاجي اوٺو،عبداللّٰه اوٺو،بچل اوٺو،بابو اوٺو،مهر علي اوٺو ۽ ٻين اسان تي حملو ڪري گهرن اندر داخل ٿي عورتن کي مارڪٽ ڪئي ۽ تشدد ڪيو آهي،جهيڙيندر ڌُر وارن جاگهر هتي نه آهن،زوري زبردستي اچي حملو ڪيو آهي،نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.