ڪوٽڙي: واٽر سپلاءِ جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪوٽڙي (ن ع آ) ميونسپل ٻولهاڙي جي لکن جي آبادي کي پيئڻ جو پاڻي سپلاءِ ڪندڙ ملازمن ڪي فيڊر تي لڳل پاڻي جون موٽرون بند  ڪري احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته سالن کان حق حلال جي پگهارن لاءِ تڙپايو پيو وڃي، گذريل چئن مهينن کان پگهارون ناهن مليون هاڻ اڌ پگهار ڏني وئي آهي ان مان گهر ڪيئن هلائجي گهرڀاتي فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ٻارڙن جي تعليم پڻ متاثر ٿي رهي آهي، هنن چيو  ته اسان موٽرون ان ڪري بند ڪري ڇڏيون آهن ته جيئن مڪمل پگهارون جاري ٿي سگهن، هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ميونسپل ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪاروائي ڪري اسان جون پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو ٻئي طرف ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ٻولھاڙي سان موقف وٺڻ لاءِ رابطي جي ڪوشش ڪئي پر نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.