غلام الله ويجھو ڳوٺاڻي جي گھر کي باھه، الھه تلھه رک

غلام الله / گھوڙاٻاري (نمائندن وٽان) غلام الله ويجھو ڳوٺ جمعو واريو ۾ غلام واريو جي گھر کي اوچتو چلھه جي چڻنگ مان باھه وڪوڙي وئي  جنھن سبب الھه تلھه رک ٿي ويو، گھر اندر پيل ھنڌ ۽ اناج وغيره سڙي خاڪ ٿي ويو. متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، سندن ڪنھن به سار نه لڌي. متاثرن جا ٻچا سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، انھي سلسلي ۾ متاثرن غلام واريو ۽ منظور واريو عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسان بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آھيون، اسان ڊي سي ٺٽو ۽ سرندي وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي جلد سار لڌي وڃي ۽ ساهتا ڪئي وڃي ته جيئن اسان ٻيھر آباد ٿي سگھون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.