نوجوان سڱاوتي تڪرار تان ناريءَ کي ماري پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيو

 

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان، ناريءَ کي ماري پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب ڇوڪريءَ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ نوجوان پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو، ٻئي ويجها مائٽ آهن، ناريءَ جي ايندڙ مهيني شادي طئي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا ناري جي ڀاءَ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.