نوجوان ۽ ناريءَ جو اسڪوٽر تي سرعام رومانس، وڊيو وائرل، پوليس حرڪت ۾ اچي وئي

 

ڀارتي رياست اتر پرديش جي تخت گاهه لکنئو ۾ پوليس هڪ نوجوان کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جيڪو مبينا طور هڪ ناريءَ سان مصروف روڊ تي اسڪوٽر تي رومانس ڪري رهيو هو.

سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي، جيڪا لکنئو جي علائقي حضرت گنج جي آهي، جنهن ۾ هڪ جوڙو رومانس ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي وائرل وڊيو ۾ موجود نوجوان کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڇوڪري نابالغ نڪتي.

ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر آف پوليس سينٽرل لکنئو راجيش سريواستو اربع ڏينهن خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالهه هڪ وڊيو سامهون آئي، جنهن ۾ نوجوان ۽ نابالغ ڇوڪريءَ کي نامناسب طريقي سان ويٺي ڏٺو ويو.

هن ٻڌايو ته انڊين پئنل ڪوڊ جي قلم 294، 279 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ اسڪوٽر هلائيندڙ 23 ورهين جي وڪي شرما کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس اسڪوٽر ضبط ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.