اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ بجلي سستي ڪرڻ جي درخوست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست ۾ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ڊسمبر 2022 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي 10 رپيا 26 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، نيپرا ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي 30 جنوري تي ٿيندي.
مڪمل منظوري صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کي 12 ارب رپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو.