لفظن جو سهارو وٺڻ بنا دل جي ڳالهه ڪيئن ڪجي؟ انساني لاڳاپن جي ماهر مسئلو حل ڪري ڇڏيو

 

محبت قدرت جو خاص عطيو آهي، اها زندگي ۽ اسان جي گڏيل لاڳاپن کي خوشگوار بڻائيندي آهي.

ان لاءِ ضروري آهي ته اهڙي محبت جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ خوشگوار طريقن سان اظهار ڪري ان کي تازو رکيو وڃي.

محبت جي اظهار جا ڪيترائي طريقا آهن ۽ انهن سڀني جو مقصد هڪ ئي آهي ته ان خوبصورت جذبي کي جيئرو رکيو وڃي.

انساني لاڳاپن جي ماهر ڊاڪٽر فواد خليل ان حوالي سان چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيندو آهي ته ڪنهن انسان وٽ دل جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ لفظ ناهن هوندا.

پر ڪجهه طريقا اهڙا آهن، جنهن سان سامهون واري کي اهو محسوس ڪرائي سگهجي ٿو ته توهان ان سان ڪيتري محبت ڪيو ٿا.

ڌيان سان ٻڌڻ

ڊاڪٽر فواد خليل موجب سڀ کان اڳ اها ڳالهه آهي ته توهان پنهنجي پياري جي ڳالهه مڪمل ڌيان ۽ غور سان ٻڌو، جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي ان کي ڪاوڙ اچي ته فوري طور سٺن لفظن سان ان جي مدد ڪيو ۽ ان جي ڪاوڙ گهٽ ڪيو، ائين ڪرڻ سان ٻنهي ۾ سٺو مڪالمو شروع ٿي ويندو ۽ غلط فهميون به ختم ٿي وينديون.

ڏکئي وقت ۾ گڏ بيهڻ

زندگي ۾ ڀلي ڪيترا به مصروف هجو پر ائين ناهي ته توهان پنهنجي محبوب شخص سان لڳاءُ رکڻ باوجود ان کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، خوشگوار وقت سان گڏ ڏکئي وقت ۾ به پنهنجي پيارن سان گڏ رهو، اهو محبت جو عملي اظهار آهي.

وقت مخصوص ڪرڻ

مسلسل مصروفيتون ڪنهن به قسم جي لاڳاپن وچ ۾ قينچي جيان آهن، تنهن ڪري ضروري آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ملندا رهو، ڀلي اها ملاقات شاپنگ جي صورت ۾ هجي يا گڏ ويهي چانهه پيئڻ لاءِ، اصل مقصد ڄاڻڻ ضروري آهي ته سامهون واري کي ڇا پسند آهي ۽ ان لاءِ ڇا اهم آهي، جيڪڏهن توهان مصروفيتن مان وقت ڪڍي پنهنجي پيارن سان گڏ ويهندئو ته انهن کي يقين ٿيندو توهان انهن لاءِ ڪيترا خاص آهيو.

اخلاقي مدد ڪيو

توهان کي پنهنجي محبوب سان وک وک ۾ ملائي هلڻ گهرجي ته جيئن اهو زندگي جي سفر ۾ حوصلي سان اڳتي وڌندو رهجي، ائين ڪرڻ سان نه رڳو توهان جي محبوب ۾ خود اعتمادي پيدا ٿيندي پر توهان جي لاڳاپن ۾ به خوبصورت احساس جنم وٺندا.

غلطين کي درگذر ڪيو

انسان خطا جو گهر آهي، ڪوشش ڪيو ته جنهن سان محبت ڪيو ٿا انهن جي غلطين کي نظرانداز ڪيو، ان لاءِ قرباني جي جذبي جي ضرورت آهي، هر قسم جي لاڳاپن ۾ لاها چاڙها ايندا آهن، تنهن ڪري اهڙي صورتحال ۾ ڪاوڙ ڪرڻ بدران هاڪاري رويو رکو.

تحفن جي ڏي وٺ

ماڻهن وچ ۾ محبت جي اظهار جو هڪ خوبصورت طريقو تحفن جي ڏي وٺ آهي، ڪوشش ڪيو ته پنهنجي محبوب جي پسند کي سامهون رکندي اهڙيون شيون تحفي ۾ ڏيو، جن جي ان کي ضرورت آهي، تحفا ڀلي ننڍا ڇو نه هجن، ان سان فرق نٿو پئي.

صحت جو خيال

هڪٻئي جو خيال رکڻ محبت جي غذا آهي، پنهنجي محبوب جي صحت جي حوالي سان پريشان هجڻ ۽ ان کي سٺيون صلاحون ڏيڻ محبت وڌائي ٿو، جيڪڏهن توهان ان ۾ ڪا اهڙي عادت ڏسو، جيڪا صحت کي نقصان پهچائي ٿي ته ان کي پيار سان سمجهايو، ان جي حوصلا افزائي ڪيو، ان جي لاءِ فڪرمند رهو.

پنهنجي پيارن جو احترام ڪيو

پنهنجي پيارن جو توهان دل سان احترام ڪيو، انهن جي عزت ڪيو ۽ ڪڏهن به انهن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، ڪو طعنو يا مهڻو نه ڏيو، سامهون واري کي احساس ڏياريو ته توهان جي دل ۾ ان لاءِ احترام موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.