ڇا اوهان واٽس ايپ تي ڪنهن کي بلاڪ ڪرڻ جو هي طريقو ڄاڻو ٿا؟

دنيا جي مشهور ترين ميسجنگ ايپ واٽس ايپ طرفان واهپيدارن لاءِ بلاڪ ڪرڻ جو نئون طريقيڪار پيش ڪيو پيو ڃي.

تمام جلد واهپيدار پُش نوٽيفڪيشنز ذريعي ئي ڪنهن فرد کي بلاڪ ڪري سگهندا.

مطلب ته واٽس ايپ تي ان واهپيدار جي چيٽ اوپن ڪرڻ جي به ضرورت نه هوندي پر اِهو فيچر شروعات ۾ محدود واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.

واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب نئين فيچر ذريعي واهپيدار اهڙن واٽس ايپ صارفين کي ئي بلاڪ ڪرڻ ممڪن هوندو جيڪي اوهان جي ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ نه هوندا.

هن فيچر ذريعي جڏهن به اوهان ڏانهن ڪنهن اڻڄاتل فرد طرفان واٽس ايپ پيغام جو نوٽيفڪيشن ملندو ته اوهان کيس بلاڪ ڪري سگهندئو.

رپورٽ موجب هن فيچر ذريعي ڪنهن به فرد کي ڳالهه ٻولهه کانسواءِ  ئي بلاڪ ڪري سگهبو جيڪو ان ٽول جو بنيادي مقصد پڻ محسوس ٿي رهيو آهي.

هي فيچر فلحال سمورن واهپيدارن لاءِ موجود نه آهي پر واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ بيٽا ورجن ۾ ان جي ٽيسٽنگ وارو عمل جاري آهي.

انڪري اِهو چوڻ به ڏکيو آهي ته سمورن واهپيدارن لاءِ اِهو فيچر ڪڏهن پيش ڪيو ويندو پر امڪان آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن اندر اهو متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.