ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن پاڪستان ۾ پنهنجا ٻه ارب ڊالر ڊپازٽس رول اوور ڪري ڇڏيا.
ان ڳالهه جو انڪشاف اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ تقريب سان خطاب دوران ڪيو.
هن چيو ته هن وقت سڀ کان اهم مسئلو پورٽ تي رڪيل 5700 ڪنٽينرن کي رليز ڪرڻ آهي، ان کي حل ڪنداسين.