ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي

 

ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر قرضن جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي.

ورلڊ بئنڪ پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري ايندڙ مالي سال تائين ملتوي ڪئي آهي.

ورلڊ بئنڪ درآمدن تي ”فلڊ“ ليوي لڳائڻ جي به مخالفت ڪئي آهي.

واضح رهي ته پائيدار معيشت لاءِ ورلڊ بئنڪ جي قرض جي ماليت 45 ڪروڙ ڊالر هئي، ان کانسواءِ سستي توانائي لاءِ 60 ڪروڙ ڊالرن جو قرض به ملتوي ڪيو ويو آهي.

ورلڊ بئنڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پائيدار معيشت لاءِ بورڊ ڊسڪشن جو مالي سال 2024 ۾ امڪان آهي، جڏهن ته سستي توانائي لاءِ قرض به ايندڙ مالي سال منظور ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.