افغانستان ۾ سيءَ جي سخت لهر، ستر ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

ڪابل (ويب ڊيسڪ ) افغانستان ۾ ٿڌ جي سخت لهر جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ ستر ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هزارين ڍور مري چڪا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏهاڪن تائين جاري رهندڙ ويڙهه بعد طالبان جي اقتدار سنڀالڻ ۽ مُلڪ جي معاشي ۽ مالي بحران جو شڪار افغان عوام هاڻ موسم جي جبر کي منهن ڏئي رهيو آهي.

افغانستان جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ جي 10 هين تاريخ کانپوءِ گرمي پد تيزي سان ڪِري رهيو آهي.

ڪٿي ڪٿي گرمي پد ڪاٽو 33 تائين پهچي چڪو ويو ۽ برفباري پڻ ٿي آهي.

سهولتن جي کوٽ ۽ غير مناسب رهائش سبب غريب عوام لاءِ سخت ٿڌ ۾ زندگي گهارڻ ممڪن ناهي رهيو.

افغانستان جي موسميات کاتي موجب هنيئر تائين ستر ڄڻا سخت ٿڌ سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته گذريل اٺ ڏينهن دوران مري ويل ڍرون جو انگ ستر هزار ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.