مختلف مرضن ۾ رات جو تڪليف ڇو وڌي ويندي آهي ۽ ان جا فائدا آهن يا نقصان؟

 

سياري جي مند ۾ اڪثر ماڻهن کي نزلي، زڪام، ڳلي ۾ خرابي يا بخار جهڙين بيمارين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

پر ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته انهن مرضن دوران رات جي وقت شدت وڌيڪ ڇو محسوس ٿيندي آهي؟

حقيقت ۾ سمهڻ لاءِ ليٽڻ کانپوءِ علامتون وڌيڪ محسوس ٿيڻ لڳنديون آهن پر ائين ٿيندو ڇو آهي؟

ان بابت ڪو ٺوس جواب ته موجود ناهي پر هڪ عام خيال موجب ان جو واسطو جسماني گهڙي سان جڙيل آهي.

جسماني گهڙي اسان جي خلين کي ڏينهن ۽ رات بابت ٻڌائڻ جو ڪم ڪندي آهي ۽ روز مرهه جي افعالن لاءِ اها تمام اهم هوندي آهي.

اها ئي گهڙي دل ۽ مدافعتي نظام کي ريگوليٽ ڪرڻ لاءِ به انتهائي اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.

رات جو جڏهن اسان سمهڻ لڳندا آهيون ته جسم ان وقت کي ڪيترن ئي اندروني افعالن لاءِ استعمال ڪندو آهي ۽ ان ڪري ئي ننڊ کي تمام اهم قرار ڏنو ويندو آهي.

ائين ئي بيماري دوران به ٿيندو آهي ۽ جڏهن اسان سمهندا آهيون ته رت جي اڇين خلين جو انگ وڌي ويندو آهي ته جيئن ڪنهن بيماري خلاف مدافعتي ردعمل کي مضبوط بڻائي سگهجي.

اهو ئي سبب آهي جو نزلي، زڪام جو شڪار ماڻهو جڏهن رات جو سمهڻ لاءِ ليٽندا آهن يا صبح جاڳندا آهن ته علامتن جي شدت مدافعتي نظام جي متحرڪ هجڻ سبب وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي.

مدافعتي نظام مختلف مدافعتي خلين جون خدمتون حاصل ڪندو آهي، جنهن سان بيماري سان متاثر خليون مري وينديون آهن ۽ متاثر ٽشوز سڄي ويندا آهن.

ائين ئي بيماري خلاف وڙهڻ لاءِ نڪ ۾ بلغم جو مقدار به وڌي ويندو آهي، جيڪا صحت لاءِ سٺي ڳالهه آهي پر اسان کي اهو سٺو محسوس ناهي ٿيندو.

جڏهن اسان جاڳندا آهيون ته لڳندو آ حالت خراب آهي، ڇو ته سڄي رات جسم اندر هڪ جنگ جاري رهندي آهي.

ته بيماري دوران وڌ کان وڌ سمهڻ جي ڪوشش ڪيو، ڇو ته ان وقت اسان جو جسم جراثيمن سان وڙهندو آهي ته جيئن صحتمند ٿي سگهون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.