يوڪرين: گهرو وزير سميت 16 ڄڻا هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ اجل جو شڪار

ڪيف ( ويب ڊيسڪ) يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف ۾ هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو جنهن نتيجي ۾ گهرو وزير، نائب گهرو ۽ گهرو وازرت جي اهم شخصيتن سميت 18 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب هيلي ڪاپٽر ڪرڻ وارو واقعو ڪيف جي ڀرواري علائقي ڀرووري ۾ پيش آيو.

يوڪرين جو گهرو وزير،نائب گهرو وزير، سيڪريٽري ۽ گهرو وزارت جي اهم قيادت هيلي ڪاپٽر حادثي جوشڪار ٿي وئي.

يوڪرين جي صدارتي آفيس جي نائب سربراهه موجب گهرو وزير جنگ سٽيل علائقن جو هوائي دورو ڪري رهيو جنهن دوران هيلي ڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو.

مقامي پوليس موجب تباهه ٿيندڙ هيلي ڪاپٽر يوڪرين جي رياستي ايمرجنسي سروس جو هو.

ميڊيا رپورٽس موجب حادثي ۾ ٽن ٻار به زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن  کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.