ڊالر جو چاڙهه جاري، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ وڌيڪ مهانگو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي.

اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي آمريڪي ڊالر جو قدر 228 رپيا 91 پئسا آهي، گذريل ڏينهن ڊالر 228 رپين 66 پئسن جو هو، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 25 پئسا مهانگو ٿيو.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 25 پئسا مهانگو ٿي 239 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.