ڀارت آبادي ۾ چين کان گوءِ کڻي ويو

نئين دهلي (ويب ديسڪ) ڀارت امڪاني طور چين کي پوئتي ڇڏيندي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو مُلڪ بڻجي چڪو آهي.

سڄي دنيا ۾ آبادي ۽ سماجي انگ اکرن ڪم ڪندڙ ورلڊ پاپوليشن ريويو ( ڊبليو پي آر ) جي هڪ رپورٽ موجب ڀارت جي آبادي سال 2022ع تي پڄاڻي تي 1.417 ارب تائين پهچي وئي هئي.

ان جي ڀيٽ ۾ چين جي شماريات کاتي سترنهن جنوري تي اِهو ٻڌايو هو ته ملڪي آبادي 1.412 ارب آهي ۽ 1961 کان پوءِ پهريون ڀيرو آبادي ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ان رپورٽ مان اِشارو ملي ٿوته ڀارت جي آبادي ۾ چين جي ڀيٽ ۾ پنجاهه لک واڌ ٿي آهي.

ڀارت ۾ پنجاهه سيڪڙو آبادي ٽيهه سال کان گهٽ عمر وارن ماڻهن تي ٻڌل آهي .

ڊبليو پي آر موجب گڏيل قومن جي اداري کي اميد آهي ته ڀارت هلندڙ سال ڪنهن به وقت چين کي پوئتي ڇڏيندي سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو مُلڪ بڻجي ويندو پر 2022ع جي پڄاڻي تائين ئي ان جي آبادي چين کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 18 جنوري تي ڀارت جي آبادي 1.423 ارب ٿي چڪي آهي جڏهن ته هڪ ٻي تحقيقي اداري ماڪرو ٽرينڊس جي خيال ۾ ڀارتي آبادي 1.428 ارب تائين پهچي چڪي آهي.

ڀارت طرفان 2021ع ۾ آدمشماري جي ڊيٽا جاري ٿيڻي هئي پر اِها اڃا تائين جاري ناهي ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته ڪورونا وائرس سبب آدمشماري وارو عمل رولڙي جو شڪار ٿي ويو هو.

ڊبليو پي آر موجب جيتوڻيڪ ڀارت ۾ آبادي جي شرح ۾ واڌ وارو عمل سُست ٿي ويو آهي پر گهٽ ۾ گهٽ 2050 تائين آبادي ۾ واڌ ٿيندي رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.