ميلبورن ( ويب ڊيسڪ ) سال جي پهرين گرينڊ سلم ٽينس ٽورنامينٽ آسٽريلين اوپن ۾ رافيل نڊال جي شڪست جي صورت پهريون اَپ سيٽ ٿي ويو آهي.
عالمي نمبر ٻه دفاعي چيمپيئن رافيل نڊال کي آمريڪي رانديگر آسٽريلين اوپن جي ٻئين رائونڊ ۾ ئي هارائي ڇڏيو.
ميڪنزي ميڪ ڊونلڊ رافيل کي 4-6، 3-6 ۽ 5-7 تان شڪست ڏني، نڊال ميچ دوران انجري جو شڪار پڻ ٿيو.