انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ فائنل ۾ فٽ هجان ها ته نتيجو ٻيو هجي ها: شاهين آفريدي

قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته هو هاڻي کيڏڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي ۽ فٽنس مسئلن جي حل لاءِ سموريون ضرورتون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

هڪ انٽرويو ۾ فاسٽ بالر شاهين چيو ته هاڻي مان ائين محسوس ڪري رهيون آهيان جيئن گال ٽيسٽ کان اڳ هئس.

هن چيو ته مان پهريان جيان بالنگ هلائي رهيو آهيان ۽ سمجهان ٿوته مان فٽنس جي بحالي وارو مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي.

فاسٽ بالر چيو ته مان ايڪشن ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان ۽ مداح مونکي پاڪستان سپر ليگ ۾ ڏسي سگهندا.

هن چيو ته انجري سبب ڊگهي عرصي لاءِ ٽيم کان ٻاهر رهڻ ڏُکيو هو، ڪڏهن ڪڏهن اِهو به ذهن ۾ ايندو آهي ته انجري مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻي وڌيڪ ڪجهه نه ڪري سگهندس، مان پنهنجي هدف پورا ڪيا آهن ان لاءِ قرباني ڏيڻي پوندي آهي.

هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ٽيم کي منهنجي ضرورت هئي انڪري مون کيڏڻ جو فيصلو ڪيو، عالمي ڪپ ۾ به جيڪڏهن ائين ڊوڙي سگهان ها جيئن هاڻي ڊوڙي رهيو آهيان ته نتيجو مختلف هجي ها.

شاهين چيوته انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز کي ڏاڍو مِس ڪيو، خواهش هئي ته مان هوم گرائونڊ تي پنهنجن پرستارن آڏو پرفارم ڪندس ٽيم ٻنهي سيريز  سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پر نتيجو اسان جي هٿ وس ناهي هوندو.

ياد رهي ته شاهين شاهه آفريدي سريلنڪا خلاف گذريل سال گال ٽيسٽ ۾ انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن بعد هُن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪئي هئي پر ايونٽ دوران به سندس فٽنس تي سوال اُٿڻ لڳا هئا ۽ ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ انگلينڊ خلاف هو هڪ ڀيرو وري زخمي ٿي ميدان کان ٻاهر هليو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.