باس طرفان هراسان ٿيندڙ پاڪستاني ڇوڪري کي عدالت ۾ ڪيس کٽڻ باوجود ڪجهه پلئه نه پيو!

 

اسڪاٽ لينڊ ۾ باس طرفان ٿلهي ۽ جسم فروش جهڙن لفظن کي منهن ڏيندڙ ۽ هراسگي جو نشانو بڻجندڙ پاڪستاني ڇوڪري عائشا زمان کي عدالت 50 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو پر ان ٽيڪسٽائل فرم کي مالڪ طرفان ختم ڪرڻ کانپوءِ متاثر ڇوڪري کي ٽڪو به ملڻ جو امڪان ناهي.

اسڪاٽ لينڊ جي علائقي ايسٽ ڪلبرائيڊ ۾ هڪ ٽيڪسٽائل جي فرم ۾ ڪم ڪندڙ عائشا زمان کي مالڪ شهزاد يونس ڪيترائي ڀيرا نامناسب لفظ چيا ۽ جنسي هراسان ڪيو ويو.

نائٽس بريج فرنشنگ جي مالڪ يونس جي عمر 35 سال آهي ۽ هو شادي شده به آهي، هن عائشا کي پنجابي ٻولي استعمال ڪندي ٿلهي چئي سڏيو ۽ اهو به چيو ته مون کي آفيس ۾ سمارٽ ڇوڪرين جي ضرورت آهي، يونس طرفان عائشا کي جسم فروش به چيو ويو، عائشا رات جي وقت ”ڊي جي“ جي نوڪري ڪندي آهي ۽ باس مٿس جسم فروشي جو الزام هڻي ڇڏيو.

ٽن مهينن کانپوءِ اسڪاٽ لينڊ جي عدالت جي جج فيصلو ڏنو ته يونس ۽ ان جي ڪمپني ٻئي عائشا کي جنسي هراسان ڪرڻ جا ذميوار آهن.

بهرحال ٽيڪسٽائل فرم کي ئي ختم ڪيو ويو آهي، يونس هن وقت پاڪستان ۾ رهي پيو ۽ اسڪاٽ لينڊ جي شيرف آفيسرن جا اختيار محدود آهن ته هو معاوضي جي ادائيگي جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائي سگهن.

عائشا زمان چيو ته مان قانوني ڪارروائي ۾ پنهنجا 10 هزار پائونڊ لڳائي چڪي آهيان، مان رات ڏينهن ڪم ڪري رهي آهيان ۽ سڀ ڪجهه لڳائيندي پئي وڃان، هو پاڪستان ۾ ويهي پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيو آهي، هو ڪٿي به پنهنجو ڪم هلائي سگهي ٿو، هو مون تي کلندو هوندو، حقيقت ۾ هو کٽي ويو آهي ۽ مان هارائي وئي آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.