پي سي بي مئنيجمنٽ ڪميٽي جو اهم رڪن چيف سليڪٽر جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سليڪشن ڪميٽي جي نئين سربراهه لاءِ مئنيجمنٽ ڪميٽي جي اهم رڪن شڪيل شيخ جو نالو چيف سليڪٽر طور هن وقت فهرست ۾ آهي.

نيوزيلينڊ خلاف سيريز لاءِ عارضي طور عهدو سنڀاليندڙ شاهد آفريدي کانپوءِ هاڻي قومي سليڪشن ڪميٽي جي نئين سربراهه لاءِ ڪيئي اڳوڻن ڪرڪيٽرن جا نالا گردش ڪري رهيا آهن.

ذريعن موجب نجم سيٺي نئين چيف سليڪٽر جي نالي جو جلد اعلان ڪندو پر مئنيجمنٽ ڪميٽي جي 14 ميمبرن جي راءِ اِها آهي ته اسلام آباد ريجن جي اڳوڻي سربراهه ۽ مئنيجمنٽ ڪميٽي جي متحرڪ رڪن شڪيل شيخ ان عهدي لاءِ هڪ بهترين چونڊ ثابت ٿي سگهي ٿو.

ان حوالي سان شڪيل شيخ جو چوڻ آهي ته نجم سيٺي ۽ مئنيجمنٽ ڪميٽي جا ميمبرن سان هو بورڊ جا معاملا گهرائي سان ڏسي رهيو آهي پر سليڪشن ڪميٽي جي سربراهه جي حيثيت سان ڪم ڪري هو پنهنجو پاڻ کي محدود ڪرڻ نٿو چاهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.