ڌانڌلي سٽيل چونڊون احتجاج، ڏڦيڙ جي شدت ۾ واڌ جو سبب بڻجنديون: عمران خان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ثابت ٿي ويو اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ رنڊڪون ڇو وڌيون.

ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي عمران خان پ پ تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته اهي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت، بليڪ ميلنگ، پوليس ۽ پئسي جو وڏو استعمال ڪندا آهن.

هن چيو ته او وي ايم شفافيت ۽ تڪڙا نتيجا ممڪن بڻائيندي آهي، ان سان ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ تبديلي جا رستا بند ٿيندا آهن، مڪاني چونڊن جا نتيجا ڪيترائي ڏينهن دير سان وصول ٿيا، وڏي پئماني تي گڙٻڙ جا امڪان آهن.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن، رياست ۽ پي ڊي ايم اهڙيون چونڊون چاهين ٿا ته ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، اهڙيون ڌانڌلي سٽيل چونڊون احتجاج، ڏڦيڙ جي شدت ۾ واڌ جو سبب بڻجنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.