پريانڪا کي به پاڪستاني فلم ”جوائي لينڊ“ وڻي وئي، سڀني کي ڏسڻ جي صلاح

 

جڳ مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا به پاڪستان جي آسڪر لاءِ نامزد فلم ”جوائي لينڊ“ جي مداح بڻجي وئي.

پريانڪا چوپڙا پنهنجي سڀني مداحن ۽ شوقينن کي صلاح ڏني آهي ته اهي صائم صادق جي فلم جوائي لينڊ ضرور ڏسن.

اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي جوائي لينڊ جي وڊيو شيئر ڪندي فلم جي ٽيم کي اهڙي ڪهاڻي پيش ڪرڻ تي ساراهيو، گڏوگڏ لکيو ته اها لازمي طور ڏسڻ جهڙي فلم آهي.

ان فلم جي ڪهاڻي هڪ رقاص نوجوان ۽ هڪ کدڙي فقير جي چوڌاري گهمي ٿي، ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويندا آهن، جڏهن ته ڇوڪرو اڳ ئي شادي شده هوندو آهي.

صائم صادق جي لکيل ۽ ان جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ان فلم ۾ علينا خان ۽ علي جوڻيجي مک ڪردار ادا ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.