سمارٽ فون سُست ٿي ويو؟ ڇا اوهان به هي سنگين غلطيون ڪري رهيا آهيو؟

ڇا اوهان جو سمارٽ فون پهريان جيان ڪم نٿو ڪري يا ائين کڻي چئون ته سست ٿي ويو آهي؟

جيڪڏهن جواب ها ۾ آهي ته ڪارڻ معلوم ڪرڻ سان ڪجهه مدد ملي سگهي ٿي ته سمارٽ فون سُست ڇو ٿي ويندا آهن.

گهڻي ڀاڱي فونز ڪنهن خرابي سبب سست نه ٿيندا آهن پر عام شين جو خيال نه رکڻ سبب سمارٽ فون جي اسپيڊ متاثر ٿيندي آهي.

سمارٽ فونز جي اسپيڊ متاثر ڪرڻ واريون ڪجهه عام عادتون هيٺ ڏئي رهيا آهيون.

اسٽوريج اسپيس گهٽ هجڻ

تمام گهڻين تصويرن، وڊيوز، گيمز ۽ ٻيو مواد ڊائون لوڊ ڪرڻ سان فون اسٽوريج تيزي سان ڀرجي ويندي آهي جڏهن ته ڪمپيوٽر پراسيس يونٽ ( سي پي يو)  تي دٻاءُ وڌندو آهي، جنهن سبب فون جي رفتار سُست ٿي ويندي آهي.

خراب واءِ فاءِ ڪنڪشن

جيڪڏهن اوهان جو فون معمول کان وڌيڪ سُست ٿي چڪو آهي ته ٿي سگهي ٿو اِهو واءِ فاءِ ڪنڪشن جو نتيجو هجي.

ان جو تعين ڪرڻ لاءِ واءِ فاءِ نيٽ ورڪ جي سگنلز جي مضبوطي کي چيڪ ڪريو.

خراب واءِ فاءِ ڪنڪشن سبب فون اسپيڊ متاثر ٿيندي آهي ڇاڪاڻ ته پس منظر ۾ ايپس ۽ ويب پيجز طرفان هر هر ريفريش ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.

فون جو پراڻو آپريٽنگ سسٽم

اينڊرائيڊ فونز ۾ اِهو گهڻو عام مسئلو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ آپريٽنگ سسٽم کي اَپ ڊيٽ ڪرڻ جي سهولت تمام گهٽ وقت لاءِ گهربل هوندي آهي.

اِهو ئي سبب آهي جو محدود وقت بعد اينڊرائيڊ فونز جي اسپيڊ گهٽجڻ لڳندي آهي ڇو جو اُهي اَپ گريڊ ناهن هوندا.

فون cache يا ريم جو ڀرجي وڃڻ

اوهان جيترو وڌيڪ ڊيوائس کي استعمال ڪندئو، ايترو وڌيڪ ڊيٽا فون جي cache  ۽ ريم ۾ گڏ ٿيندي.

ايپس ۽ ويب برائوزنگ سبب گڏ ٿيندڙ اِها ڊيٽا هوريان هوريان پراسيسر کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ  تي مجبور ڪرڻ لڳندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ فون سست ٿي ويندو آهي.

ايپس جي ڀرمار

گهڻي قدر ماڻهو ڪيئي ايپس انسٽال ڪري ڇڏيندا آهن جن مان گهڻي قدر هو ڊگهي وقت تائين استعمال به ناهن ڪندا.

اِهي ايپس اسٽوريج پراسيس تي قبضو ڪرڻ سان گڏوگڏ فون جي اسپيڊ کي به متاثر ڪنديون آهن.

جيڪڏهن انهن کي چڱي نموني ڊليٽ نه ڪيو ويندو ته اهڙي صورت ۾ به انهن ايپس جي ڪجهه ڊيٽا ڊيوائس ۾ باقي رهجي ويندي آهي.

پراڻي بيٽري

ڪجهه سمارٽ فونز جي پراڻي بيٽري سبب ڊيوائس اسپيڊ متاثر ٿيندي آهي.

پراڻي بيٽري جي نتيجي ۾ آپريٽنگ سسٽم گي ناڪاري اثر پوندا آهن جنهن سبب ڊيوائس جي ڪارڪردگي ۽ پراسيسنگ اسپيڊ متاثر ٿيندي آهي.

بيٽري جي زندگي کي بهتر بڻائڻ وارن نسخن تي عمل ڪري ان مسئلي کي گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.