ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر وڌڻ سبب مقامي مارڪيٽ ۾ به سون جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
سون جي عالمي قيمت 6 ڊالر وڌڻ سان 1951 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ 2100 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ 1801 رپيا واڌ ٿي آهي.
اگهه وڌڻ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 86 هزار 500 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 59 هزار 894 رپيا ٿي وئي آهي.