ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ قائم ضلعي رٽرننگ آفيس ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن.
پ پ ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن ڪارڪنن سان گڏ ڪياماڙي جي ڊي آر او آفيس تي ڌرڻو هنيو، جن جو مطالبو هو ته اسان کي فارم 11 ۽ 12 ڏنا وڃن، پي ٽي آءِ جو الزام آهي ته اليڪشن ڪميشن پ پ سان گڏجي نتيجا تبديل ڪري رهي آهي.
پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر علي زيدي ڪراچي جي صدر بلال غفار سان گڏ ڪياماڙي ڊي آر او آفيس پهتو، ان دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن هڪٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ پوءِ ٻنهي طرفان لٺين، لتن ۽ مڪن جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو.
مڇريل ماڻهن ڊي آر او آفيس تي به پٿراءُ ڪيو، جنهن سبب آفيس جي شيشن ۽ دَر کي به نقصان پهتو.
تحريڪ انصاف ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته پ پ ڪارڪنن علي زيدي ۽ بلال غفار تي حملو ڪيو، جڏهن ته پ پ ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو ويو ۽ علي زيدي اچي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي مڇرايو.
پي ٽي آءِ ترجمان اهو به چيو ته ڀاڄ ۾ علي زيدي معمولي زخمي ٿيو، جڏهن ته 8 ڪارڪنن کي چڱا ڌڪ لڳا آهن.
واقعي کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري اتي پهچي ٻنهي جماعتن جي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪيو.