ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي جي 6 يونين ڪائونسلز ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس ورتو آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته بي ضابطگين جو نوٽيس جماعت اسلامي جي درخواست تي ورتو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن ۾ بي ضابطگين جو ڪيس 23 جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، رٽرننگ آفيسر ۽ اميدوارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
پڌرائيءَ موجب اليڪشن ڪميشن نوٽيس اورنگي جي يوسي 3، 7 ۽ 8 جي حوالي سان ورتو آهي، ان کانسواءِ گلشن اقبال يوسي هڪ ۾ بي ضابطگي تي به نوٽيس ورتو ويو آهي.