راکي ساونت جو ٻار ضايع ٿيڻ جو انڪشاف

ناليواري ڀارتي رقاصه راکي ساونت مبينا طور شاديءَ کانپوءِ ٻار ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

راکي تازو عادل خان سان پنهنجي نڪاح جون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو هو.

پوءِ راکي طرفان اسلام قبول ڪرڻ ۽ نالو فاطمه رکڻ جون خبرون به سامهون آيون، جن کي اداڪارا پنهنجي اڪائونٽ تي شيئر ڪندي ظاهري طور انهن جي تصديق به ڪئي.

پر هاڻ ڀارتي ميڊيا تي راکي جي اميد سان هجڻ ۽ ان جو ٻار ضايع ٿيڻ جي حوالي سان به خبر سامهون آئي آهي.

ڀارتي صحافي انسٽاگرام پوسٽ ۾ ٻڌايو ته راکي مون سان گفتگو ۾ ٻار ضايع ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ڀارت جي سليبريٽي فوٽوگرافر طرفان پوسٽ ۾ دعوي ٰڪئي وئي ته راکي سدائين اسان کي کِلايو ۽ اسان ان کي هلڪو وٺندا رهياسين پر ان باوجود هوءَ تڪليف مان گذري آهي، راکي تازو مون کي فون ڪري ٻڌايو ته ادا يش مان اميد سان هيس، جنهن جو اعلان مان بس باس مراٺي شو ۾ ڪيو هو پر سڀني ڀوڳ سمجهيو، راکي مون کي فون ڪري ٻڌايو ته منهنجو ٻار ضايع ٿي ويو آهي.

هوڏانهن راکي جي ڀارتي ميڊيا سان گفتگو جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته مان ماءُ جي ڪينسر ۽ پوءِ عادل سان شادي کان انڪار تي صحت جي ڪيترن ئي مسئلن مان گذريس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.