هوشاب (ويب ڊيسڪ) هوشاب ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي اختيارين موجب هوشاب ۾ ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي، جنهن ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا.
سيڪيورٽي اختيارين وڌيڪ ٻڌايو آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين تي حملن ۾ ملوث هئا.