خوبصورت سياحتي ماڳن جي سير سفر جو شوق تي هر ڪوئي رکندو آهي پر تمام گهٽ ماڻهو اهڙا هوندا آهي جيڪي پنهنجن خوابن کي ساڀيان جو روپ ڏئي سگهندا آهن.
پر پوءِ به جيڪي ماڻهو هلندڙ سال دنيا جي مختلف شهرن جو سير ڪرڻ چاهين ٿا انهن لاءِ اسان دنيا جي 10 بهترين شهرن جا تفصيل هيٺ پيش ڪري رهيا آهيون.
سياحت لاءِ مشهور اداري ٽرپ ايڊوائرز سڄي دنيا جي لکين ماڻهن طرفان جمع ڪرايل تجويزن جي بنياد تي انهن شهرن کي سال 2023ع لاءِ بهترين سياحتي ماڳ قرار ڏنو آهي.
فهرست لاءِ سياحتن طرفان رهائش، ريسٽورنٽس ۽ اتان جي سرگرمين کي ڏنل ريٽنگز کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو هو.
1
دبئي، گڏيل عرب رياستون
دبئي بابت ٽرپ ايڊوائزر جو چوڻ آهي ته هي اُهو شهر آهي جتي جديد قسم ۽ عالمي معيار جا شاپنگ مالز ۽ تفريحي سهولتون موجود آهن.
دنيا جي سڀ کان بلند ترين عمارت بُرج الخليفه ان شهر ۾ موجود آهي جڏهن ته اتي ڏسڻ لاءِ ٻيو به گهڻو ڪجهه موجود آهي.
2
بالي، انڊونيشيا
بالي کي انڊونيشيا جي جنت پڻ چيو ويندو آهي جيڪا خوابن جي سرزمين کان گهٽ نه آهي.
هي ٻيٽ پنهنجن روايتي مندرن، چهچ ساون کيتن، ٻرندڙ جبلن ۽ سامونڊي ڪنارن سبب ڄاتو وڃي ٿو.
تاريخي ماڳن ۾ دلچسپي رکڻ وارن سياحن سان گڏوگڏ سامونڊي هنڌن ۽ ٻين فطري منظرن جي پرستارن لاءِ به هي هڪ مثالي ماڳ آهي.
3
لنڊن، برطانيا
لنڊن دنيا جي اهم ترين شهرن منجهان هڪ آهي.
يونسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي جي فهرست ۾ شامل چئن ماڳن جو واسطو به لنڊن سان آهي، جن ۾ ويسٽ منسٽر محل ۽ ويسٽ منسٽر ڪليسا، سنيٽ مارگيٽ ڪليسا، لنڊن برج ۽ شاهي باغ پڻ شامل آهن.
4
روم،اٽلي
اٽلي جي راڄڌاني روم پنهنجن تاريخي آثارن جي بنياد تي دنيا سڄي دنيا جي سياحن جو پسنديدا ماڳ آهي.
پر ان سان گڏوگڏ هتي طرحين طرحين جا طعام، اوپن ايئر مارڪيٽ ۽ ٻيون جايون پڻ ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز آهن.
5
پئرس، فرانس
شاندار ۽ تاريخي عمارتن، عالمي سطح تي مشهور ادارا ۽ باغ ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح پئرس جو رخ ڪندا آهن.
هن شهر کي محبتن جو شهر پڻ چيو ويندو آهي.
6
ڪانڪو، ميڪسڪو
هي شهر سامونڊي ڪنارن لاءِ پوري دنيا ۾ مشهور آهي جڏهن ته مايا تهذيب جا کنڊر به سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا آهن.
7
ڪريٽ، يونان
روم سمنڊ جو پنجون سڀ کان وڏو ٻيٽ جڏهن ته هي هڪ تاريخي ماڳ پڻ آهي، لکين سياح هر سال هن تاريخي ماڳن جو سير ڪندا آهن.
8
مراڪش
مراڪش جي گادي واري شهر جو نالو به مراڪش آهي اِهو ان فهرست ۾ اٺين نمبر تي آهي.
بازارن لاءِ مشهور هي خوبصورت آفريڪي شهر جديد ۽ قديم دور جي گڏيل ميلاپ آهي جتي عرب ۽ آفريڪي ثقافت گڏجي هن شهر کي وڌيڪ انوکو بڻائين ٿا.
هتان جي موسيقي، سامونڊي ڪنارا ۽ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي سياحن جي ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ ڪافي آهن.
9
ڊومينيڪن ري پبلڪ
حقيقت ۾ هي شهر نه پر ڪيريبين سمنڊ جي هڪ ٻيٽ تي ٻڌل مُلڪ آهي.
هتان جا سامونڊي ڪنارا ۽ عمارتن جي اڏاوتي طرز سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائن ٿا.
10
استنبول، ترڪيا
ترڪيا جي مشهور شهر اسنتبول ان فهرست ۾ ڏهين نمبر تي آهي، هي شهر باسفورس جي هڪ پاسي يورپ جي علائقي ٿريس ۽ ٻئي پاسي ايشيا جي علائقي اناطوليا تائين پکڙيل آهي اهڙي طرح هو دنيا جو واحد شهر آهي جيڪو ٻن کنڊن ۾ قائم آهي.
استنبول کي ستن جبلن جو شهر پڻ سڏيو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته شهر جو قدم علائقو ست جبلن تي ٺهيل آهي جتي هر جبل جي چوٽيءَ تي هڪ مسجد قائم آهي، قديم ۽ جديد دور جو نظارو ڪرڻ وارن لاءِ هي سفر زندگيءَ جو يادگار ترين تجربو ثابت ٿي سگهي ٿو.