قطارون ختم ٿي وينديون، شازيا مري وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيا عطا مري بينظير ڪفالت تحت رقم حاصل ڪندڙ مستحقن کي تڪليفن جو ازالو ڪرڻ لاءِ نئون نظام آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب شازيا مري اڄ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پوگرام ۾ شامل مستحق عورتن جا بينڪ اڪائونٽ کوليا ويندا.

گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ بينظير ڪارڊ جي حوالي سان اعلان پڻ ڪيو ويو، وڊيو

 

بينڪ اڪائونٽ کولڻ سان عورتن کي پيسا وٺڻ لاءِ اي ٽي ايم ۽ سينٽرن تي قطارن ۾ نه بيهڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته مستحق عورتن جي بايو ميٽرڪ جو مسئلو آهي جڏهن ته پروگرام جو مقصد عورتن کي بااختيار بڻائڻ آهي، ان لاءِ هاڻي کين رقم ڏيڻ لاءِ بينڪ اڪائونٽ کوليا ويندا جنهن لاءِ اسٽيٽ بينڪ سان به گڏجاڻي ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.