فلپائن ۾ بصر جي قيمت ڪڪڙ جي گوشت کان ٽيڻ تي ٿي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب فلپائن ۾ في ڪلو بصر جي قيمت تقريبن 8.36 ڊالر آهي، جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت 3.35 ڊالر في ڪلو ملي رهيو آهي.
رپورٽن موجب فلپائن ۾ گهٽ کان گهٽ ڏهاڙي 6.84 آمريڪي ڊالر آهي، روز جي اجرت في ڪلو بصر جي قيمت کان گهٽ آهي.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فلپائن ۾ بصر جي غير قانوني پهچ تي پابندي لڳائي وئي آهي، ڪجهه ريسٽورنٽس ۾ بصرن تي ٻڌل شين جو وڪرو به بند ڪيو ويو آهي.