دهلي پوليس جو ڌوني ۽ ڪوهليءَ جي ڌيئرن خلاف سوشل ميڊيا تي گٿا لفظ استعمال ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) نئين دهلي جي پوليس ڀارتي ٽيم جي اڳوڻن ڪپتانن مهيندرا سنگهه ڌوي ۽ ورات ڪوهلي جي نياڻين لاءِ سوشل ميڊيا تي اڻوڻندڙ تبصرا ڪرڻ وارن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب دهلي جي وومينز ڪميشن جي صدر سواتي ماليوال ورات ڪوهلي جي ڌيءَ واميڪا ۽ ايم ايس ڌوني جي نياڻي زيوا بابت سماجي رابطن جي مختلف ويب سائيٽس نفرت جوڳا ڪمينٽس ڪرڻ وارن خلاف پوليس کي لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

درخواست جي نتيجي ۾ دهلي پوليس ڪيس داخل ڪندي معاملي تي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

سواتي ماليوال ٽوئيٽر تي ڪوهلي ۽ ڌوني کي مينشن ڪندي لکيو ته معاملي جو ڪيس داخل ٿي چڪو آهي، نينگرن خلاف گٿن لفظن جو استعمال ڪندڙ ۽ بيان ڏيڻ وارا سوشل ميڊيا واهپيدار قانون جي ڪٽهڙي ۾ هوندا.

واضح رهي ته سواتي گذريل هفتي ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته هن اِهو محسوس ڪيو آهي ته ڪوهلي ۽ ڌوني جي ڌيئرن خلاف ڪجهه ماڻهو اڻوڻندڙ تبصرا ڪري رهيا آهن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.