وڏي وزير جو حافظ نعيم سان رابطو، خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

مراد علي شاهه حافظ نعيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تازو ٿيل مڪاني چونڊن ۽ ان کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي گفتگو ڪئي.

وڏي وزير جماعت اسلامي ڪراچي جي امير کي خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته جماعت اسلامي مسئلن تي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري.

هن چيو ته جماعت اسلامي جي سنڌ حڪومت بابت مسئلن جي حل ۾ اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪنداسين.

هوڏانهن حافظ نعيم چيو ته مراد علي شاهه فون ڪري خدشن بابت پڇيو، جنهن تي کيس ٻڌايو ته اسان وٽ رزلٽ موجود آهي، ٽن سيٽن جي آر او جا نتيجا اليڪشن ڪميشن اپ ڊيٽ نه پئي ڪري.

هن چيو ته نتيجن جو مسئلو حل ڪيو، هڪٻئي جي مينڊيٽ جو احترام ڪرڻ جو چيو آهي، ڳالهه ٻولهه ۾ ڪو مسئلو ناهي پر مسئلا به حل ٿيڻ گهرجن، مراد علي شاهه چيو ته مان پنهنجي پارٽي وارن کي مسئلا حل ڪرڻ جو چوان ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.