حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي هڪ ٻئي اُڀرندڙ نوجوان ڪرڪيٽر شُڀمن گِل نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڊبل سينچري اسڪور ڪري ورتي آهي.
حيدرآباد دکن ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ جاري آهي جنهن ۾ ڀارتي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
شڀمن گِل ميچ جي 49 هين اوور ۾ ليوڪي فرگوسن کي لاڳيتو ٽي ڇڪا هڻي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي.
A hat-trick of sixes to get to his double hundred ⭐
Shubman Gill becomes the fifth Indian player to get to an ODI double ton 🤩#INDvNZ | 📝: https://t.co/raJtMjMaEn pic.twitter.com/UNSRQK11Rt
— ICC (@ICC) January 18, 2023
شڀمن گِل جي اِها 18 ون ڊي ميچ ۾ ٻي سينچري هئي جنهن کي هُن ڊبل سينچري ۾ بدلائيندي 149 بالن تي نوَ ڇڪن ۽ اڻويهه چوڪن جي مدد سان 208 رنسن جي ڪيريئر بيسٽ اننگز کيڏي.
هو ڀارت جو پنجون بيٽر آهي جنهن اِهو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جڏهن ته مجموعي طور تي ڀارت طرفان اسڪور ڪيل اِها ستين ڊبل سينچري آهي.
ڀارت طرفان ڊبل سينچري اسڪور ڪندڙ رانديگرن جي فهرست ۾
سچن رميش ٽنڊولڪر، وريندر سهواگ، روهت شرما ( ٽي ڀيرا ) ايشان ڪِشن ۽ هاڻ شُڀمن گِل شامل آهن.