خيبرپختونخوا اسيمبلي ٽُٽي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي گورنرغلام علي وڏي وزير محمود خان پاران اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ اماڻيل سمري تي صحيح ڪري ڇڏي.

 گورنر پاران سمري تي صحيح ڪرڻ بعد صوبائي ڪابينا به ٽٽي وئي، نگران وڏي وزير جي مقرري تائين محمود خان صوبي جي وڏي وزير طور ڪم جاري رکندو.

اسمبلی کے ساتھ صوبائی کابینہ بھی تحلیل ہو گئی ہے، آئین کے تحت موجودہ وزیراعلیٰ نگران وزیراعلیٰ کی تقرری تک کام کریں گے: اعلامیہ گورنر ہاؤس/ فوٹو گورنر ہاؤس

گورنر هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب  گورنر حاجي غلام علي چيو ته 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 112 جي شق ( 1 ) تحت ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي وئي، اسيمبلي سان گڏوگڏ ڪابينا به ٽٽي وئي آهي.

هن چيو ته آرٽيڪل اي 224 جي شق ( 4 ) تحت محمود خان نگران وڏي وزير جي مقرري تائين ڪم جاري رکندو.

پڌرائي موجب گورنر کي نگران وڏي وزير جي مقرري وزيراعليٰ ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان ٽن ڏينهن اندر ڪرڻي آهي.

گورنر کے نوٹیفکیشن کا عکس

واضح رهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان گذريل ڏينهن صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر کي موڪلي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.