ٽنڊو آدم ۾ بد امني، چوري جا 6 واقعا، پوليس اگهور ننڊ ستل

ٽنڊوآدم(ن. ع   آ ) ٽنڊوآدم ۾ بدامني تي ڪنٽرل نه ٿي سگھيو سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرڙ کوسو ۾ نامعلوم چور پورھيت نور محمد کوسو جي گھر ۾ داخل ٿي 10 ھزار روڪ ۽ھزارين روپين جو ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا ڳوٺ دودو کوسو ۾ چور ڳوٺاڻي زاھد کوسو جي ھنڊا سي ڊي 70 موٽر سائيڪل ڪاھي ويا  شھر جي حبيب بينڪ جي سامھون اسلان قريشي جي موٽر سائيڪل چوري حيدرآباد روڊ تان عارف قريشي جنرل اسٽور جا تالا ٽوڙي 80 ھزار ماليت جو سامان چوري  مبارڪ ڪالوني ۾ نامعلوم چور ياسين بھڻ جي ريزڪي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل 50 ھزار روڪ ۽ ٻيو ھزارين روپين جو سامان چوري ڪري ويا ٻئي طرف نامعلوم چور مبارڪ ڪالوني ۾ زرعي بينڪ واري گھٽي ۾ بيٺل مولوي ابراھيم ورياھ جي موٽر سائيڪل ڪاھي فرار ٿي ويا ٽنڊوآدم ۾ چوري جي وڌندڙ واقعن تي ھتان جي شھرين ڳڻتي جو اظھار ڪندي ايس ايس پي سانگھڙ کان گھر ڪئي آھي بدامني تي ڪنٽرول ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.