ڀرياسٽي لڳ چهه مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، سامان چوري، احتجاج

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) لاکاروڊ جي ديهه ککري ۾ تازين برساتن کي پنج مهينا گذرڻ باجود ويهه کان مٿي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي واسي ڳوٺاڻن منٺار، محب خاصخيلي، معشوق علي خاخيلي، مريد خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته اسان جو ڳوٺ  30 کان مٿي گهرن تي مشتمل آهي،  اسان جي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ هن وقت به پاڻي چار کان پنج فٽ جئين جو تئين بيٺل آهي، هٿرادو ڪاٺين جي رستا ٺاهي اچ وڄ جا رستا بحال ڪيا آهن،  هنن چيو ته تازو اسان پنهنجي گهرن ۾ چار ڏينهن پهريان واپس آيا آهيون چورن اسان جي 15 کان مٿي گهرن ۾ ڪابه شي ناهي ڇڏي، پکا، سولر پليٽون، بيٽريون اناج، بهه، ٻيو ضروري سمورو سامان چوري ڪري ويا آهن، تمام خراب صورتحال آهي سڀ پورهيت آهيون هارپو ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندا آهيون ڪابه شي ناهي بچي هن مهل تائين ضلعي انتظاميه جي طرفان نه راشن مليو نه ٽينٽ مليا نه وري ٻيو سردي جي بچاءِ جو ضروري سامان مليو، اعليٰ اختياريون  ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي مان پاڻي نيڪال ڪرائي پريشانين کان بچائن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.