جوهي: ميان وال تحريڪ جي بزرگ گاجي شاهه جو ميلو شروع، ڌمال، لکين زائرين پهتل

جوهي ( رپورٽ:ايم اسماعيل پيرزادو) ڪاڇي ڪنڌي جي مشھور جنن جي بادشاھ پير گاجي شاھ عرف گنج بخش جي ميلي جي پهرين ڌمال شروع  ٿي وئي آهي، ملڪ جي چئني صوبن مان هزارين پانڌيئڙن جا باسيل پڙ سکائون کڻي درگاھ جي احاطي اندر قافلن جي صورت ۾ گذريل هڪ هفتي کان پهچڻ شروع ٿي ويا آحن، ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزاده طرفان پوليس جا انتظام سخت جوهي کان پير گاجي شاھ درگاھ تائين پنج کان وڌيڪ پوليس چوڪيون قائم جتان هر ننڍي وڏي ميلي ۾ داخل ٿيندڙ گاڏين کان سختي سان چيڪنگ بعد ڇڏڻ وارو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته سيوهڻ شريف ۽ بلوچستان جي رستن کان ايندڙ زائرين لاءِ پوليس جي وڏي نفري رات ڏينهن مقرر ڪري ميلي ۾ اضافي رش کي منهن ڏيڻ لاءِ گشت پڪٽون قائم ڪيون ويون آھن جڏنهن ته ميلي ۾ رهائش جو بندو بست نه هئڻ ڪري زائرينن عارضي پکا اڏي سردي کان بچڻ لاءِ باهيون ٻاري ميلي ۾ لطف اندوز ٿيندا رهيا جڏنهن ته ميلي ۾ داخل ٿيڻ لاء عورتن ۽ مردن لاء الڳ الڳ واڪ گيٽ ٿرو لڳايا ويا آھن، جڏنهن ته ميلي ۾ خاص طور تي مردن کان وڌيڪ عورتن جي هزارن جي تعداد ۾ پيھ هجڻ ڪري ليڊيز پوليس اهلڪار درگاه اڳيان مقرر ڪيا ويا هوڏانهن زائرين ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته ميلي ۾ لکن جي تعداد ۾ مريد عقيدت مند هر سال پير گاجي شاھ جي درگاه تي حاضري ڀرڻ ايندا آھيون، مگر رهائش پيئڻ جي صاف پاڻي واش روم جي ڪاب سهولت ناهي، هنن چيو ته ڪوه مري ۽  گورک کان ٽيڻ تي ميلي ۾ ايتري مهانگائي آھي جو هڪ ويلهو في ماڻھون جي ماني جو 3 سئو رپيا آھي پوليس ۽ درگاھ جا فقير سڏرائيندڙن طرفان ميلي جي دڪاندارن تي ٽئڪس ۽ چندو اوڳاڙي وڌائڻ جي نتيجي ۾ دڪاندارن کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ باهه لڳائي ڇڏي آهي، ٻئي طرف جوهي ۽ ڪاڇي جي سياسي سماجي مذھبي سڄاڻ ڌرين وڪيل محمد يعقوب رستماڻي،ڪائونسلر ساوڻ خان ٻٻر، ودو برهماڻي،ڪامريڊ ھاشم کوسو، غلام قادر لغاري، خادم باهوٽو، ايوب لغاري، ڪامريڊ جوشيلو ٿهيم، شاعر خليل عارف سومرو، جوت تحريڪ اڳواڻ عبدالحفيظ لغاري، ايڊوڪيٽ اياز علي رند ۽ ٻين اوقاف کاتي جي اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو  ته پير گاجي شاھ جي ميلي ۾ هر سال ايندڙ ھزارين زائرين لاءِ مخصوص عورتن ۽ مردن لاءِ الڳ الڳ واش روم /  پيئڻ جي پاڻي رهائش لاءِ بندو بست ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.