سڪرنڊ ۾ ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ملازمن جو احتجاج

سڪرنڊ (ن  ع آ)  پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ ڪري پنهنجي آفيسن جي تالا بندي ڪري مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي ملازمن عبدالله ڪيريو ،فخرامام خاصخيلي، علم الدين مڱريو، لياقت موجائي، فيض پھنور، عبدالرزاق چنا، عبدالوھاب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  وزارت فوڊ سيڪورٽي جي ماتحت ادارو پاڪستان سينٽرل ڪاٽن ريسرچ ڪاميٽي جي تقريبن  700  کان مٿي ملازمن ۽ پينشنرن جون پگهارو گذريل ستن مھينن کان رولڙي جو  شڪار آهن ملازمن جون پگهارو ۽ پينشن نه ملڻ سبب ملازم طبقو  فاقه ڪشي تي مجبور آھي۔ هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ ڪپھ جو  واحد ادارو پاڪستان سينٽرل ريسرچ ڪاٽن انسٽيٽيوٽ آھي جيڪو هن وقت مالي بحران جو شڪار آھي ملازمن جو چوڻ آھي ته اسان جون رهيل پگهارون جلد از جلد جاري ڪري ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.