حيدرآباد جي ڪچي آبادي جي رهواسي عورت جو بااثرن خلاف احتجاج

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد جي ڪچي آبادي جي رهواسڻ مسمات بشيران ڪيريو بااثر ماڻهن جي ناانصافين خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته علائقي جا بااثر ماڻهو سندس گهر جي لڳل پيئڻ جي پاڻي جي پائپ لائين پٽي وڃن ٿا، جڏهن ته ڄاڻايل ماڻھو ڪجهھ عرصو اڳ  سندس گهر جا ٽيئر به کڻي ويا هئا. هن چيو ته نسيم نگر ٿاڻي جي پوليس وٽ دانهڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري. هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.