تنگواڻي (ن ع آ) تنگواڻي ڀرسان ڳوٺ دين محمّد بنگلاڻي ۾ موسيٰ الله آباد شاخ کي گهارو پئجي ويو، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا. شاخ کي پيل گهارو وڌي 70 فوٽ ٿي ويو، سوين ايڪڙن تي پوکيل ڪڻڪ،سرنهن، چڻا، جَو، مٽر جو فصل ۽ مڇي فارم پاڻي هيٺ اچي ويو، آبادگار ڳوٺاڻن لياقت جعفري، سھيل بنگلاڻي کي لکين روپين جو نقصان پهتو، جڏهن ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن.