ملير جي 30 مان 24 يونين ڪميٽين تان پ پ ڪاميابي ماڻي ورتي

کوکراپار(ن ع آ) مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ ملير جي 30 مان 24 يونين ڪائونسلن تان پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي /ڏسو صفحو 2 ڪالم 4آهي پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي ٽن ٽن يونين ڪميٽين تي ڪاميابي اصل ڪئي پيپلز پارٽي ٽن ٽائون ميونسپل ڪميٽين ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪندڙ پارٽي بڻجي وئي ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب مڪاني چونڊن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن مطابق ملير جي 30 يونين ڪائونسلن مان پيپلز پارٽي 24 يونين ڪائونسلن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي گڏاپ ٽائون جي يونين ڪائونسل ۾ پپري، اسٽيل ٽائون، گهگهر، صالح محمد ڳوٺ، ميمڻ ڳوٺ، گڏاپ، شاهه مريد، درساڻو ڇنو، ملير ٽائون ميونسپل ڪميٽي غريب آباد، شرافي ڳوٺ، خلد آباد، فيوچر ڪالوني، بختاور ڳوٺ، ڀٽائي آباد جڏهن ته ابراهيم حيدري ٽائون ۾ يونين ڪميٽي چوڪنڊي، ڪيٽل ڪالوني، مجيد ڪالوني، مظفر آباد، شيرپائو، ابراهيم حيدري، چشما، ريڙهي ڳوٺ، علي اڪبر شاهه ڳوٺ جي يونين ڪميٽين تي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته يونين ڪميٽي قائدآباد، جعفر طيار۽ مسلم آباد تي پي ٽي آئي ڪامياب حاصل ڪري ورتي يونين ڪميٽي گلشن حديد، دائود چورنگي، شاهه لطيف تي جماعت اسلامي ڪاميابي حاصل ڪئي مڪاني چونڊن ۾ڪاميابي تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جشن ملهايو ۽ هڪٻئي کي مٺايون کارايون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.