خيرپور: ڪوٽڏيجي جي عورت جو نجي بئنڪ عملدارن خلاف احتجاج

خيرپور (س  ر) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي جي رهواسڻ مسمات فريده خاتون زال الهه بخش لاشاري خيرپور پهچي صحافين آڏو اپنا مائڪروفنانس بئنڪ جي عملدارن خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو، هن صحافين سان ڳالهائيندي بئنڪ عملدارن مٿان الزام مڙهيو ته هن 7 جون 2021 تي اپنا مائڪروفنانس بئنڪ خيرپور مان قرض هڪ لک اڻويهه هزار هڪ سئو ٽيٽيهه روپيه ورتو ۽ سون گروي رکيو بعد ۾ رقم بئنڪ ۾ جمع ڪرائي هاڻ مڪمل رقم جمع ڪرائڻ باوجود مون کي گروي رکيل سون واپس نٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ شڪايت ڪرڻ تي بئنڪ ملازم زڪاءُ الله سهتو ۽ مهتاب شر مون کي آفيس مان خوني دڙڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيو آهي. هن اپنا مائڪروفنانس بئنڪ جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس گروي رکيل سون واپس ڪرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.